اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي بجيٽ 2026-27 جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جو بجيٽ اجلاس ٿيو، جنهن دوران ميمبرن بجيٽ جي منظوري ڏني.
بجيٽ جي منظوري کانپوءِ اسپيڪر قومي اسيمبلي اجلاس کي سڀاڻي صبح 11 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.
فنانس بل جا تفصيل
فنانس بل 2026-27 موجب، پهرين جولاءِ کان 2000 سي سي کان 3000 سي سي تائين جي درآمدي گاڏين تي 86 سيڪڙو ڊيوٽي لاڳو هوندي، جڏهن ته 3001 سي سي کان مٿي درآمدي گاڏين تي 92 سيڪڙو ڊيوٽي عائد ڪئي ويندي.
بل تحت پهرين جولاءِ کان پاڪستان نيوي بينيوولينٽ ايسوسيئيشن ۽ ايس آءِ يو ٽي تي ٽيڪس معاف هوندو.