ڪراچي (رپورٽر)سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ايڊووڪيٽ امجد حسين کي گلگت بلتستان جو چونڊيل وزير اعليٰ بڻجڻ تي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪئي آهي۔ پنهنجي بيان ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته گلگت بلتستان ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪاميابي عوام جي اعتماد ۽ پارٽي ڪارڪنن، جيالن جي اڻٿڪ محنت ۽ جدوجهد جو مظهر آهي۔ هن چيو ته اها ڪاميابي پيپلز پارٽي جي عوام دوست ويزن، جمهوري جدوجهد ۽ عوامي خدمت واري سياست تي اعتماد جو اظهار آهي۔ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته گلگت بلتستان ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي هڪ مضبوط سياسي قوت طور سامهون آئي آهي ۽ عوام پيپلز پارٽي جي پاليسين ۽ قيادت تي پنهنجي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي۔ هن چيو ته پارٽي ڪارڪنن جنهن جذبي ۽ محنت سان چونڊ عمل ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، اهو ساراهه جوڳو آهي۔ هن اميد ظاهر ڪئي ته ايڊووڪيٽ امجد حسين گلگت بلتستان جي ترقي، خوشحالي ۽ عوامي مسئلن جي حل لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪندو۔