گلگت (م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جو امجد حسين ايڊووڪيٽ بنا مقابلي گلگت بلتستان جو نئون وڏو وزير چونڊجي ويو، گلگت اسيمبلي اسپيڪر عمران نديم جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس دوران امجد حسين جي ڪاميابي جو باضابطه اعلان ڪيو ويو، وزيراعليٰ جي چونڊ لاءِ ڪنهن به ٻئي اميدوار ڪاغذات نامزدگي جمع نه ڪرايا، جڏهن ته ايوان ۾ موجود سڀني ميمبرن امجد حسين ايڊووڪيٽ جي حمايت ڪئي، رپورٽن موجب گلگت بلتستان اسيمبلي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي، مسلم ليگ (ن) ۽ استحڪام پاڪستان پارٽي (آءِ پي پي) وچ ۾ اتحاد ٿي ويو، ذريعن موجب ٽنهي جماعتن جي اتفاق سان گلگت اسيمبلي ۾ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ پڻ بنا مقابلي ٿي، گلگت بلتستان اسيمبلي جي اجلاس دوران پيپلز پارٽي جي عمران نديم کي اسيمبلي جو نئون اسپيڪر ۽ مسلم ليگ (ن) جي ڪفايت الرحمان کي ڊپٽي اسپيڪر چونڊيو ويو، اڳوڻي اسپيڪر نذير احمد اجلاس ۾ چيو ته ٻنهي اميدوارن جي خلاف ڪنهن به ميمبر مخالفت نه ڪئي، جنهن سبب اهي بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏنا وڃن ٿا.