آمريڪي ناڻي کاتي هڪ اجازت نامو جاري ڪيو آهي، جنهن تحت 21 آگسٽ تائين ايراني ڪچي تيل ۽ پيٽرو ڪيميڪل شين جي ترسيل ۽ وڪرو جي اجازت هوندي.
هي فيصلو واشنگٽن ۽ تهران وچ ۾ گذريل هفتي طئي ٿيل مفاهمتي يادداشت نامي تحت ڪيو ويو آهي.
آمريڪي ناڻي واري وزارت جي اجازت نامي ۾ انشورنس، بئنڪنگ خدمتن ۽ ٻيا معاملا پڻ شامل آهن.
هن لائسنس ۾ ڪچي تيل، پيٽرو ڪيميڪل شيون ۽ ايران مان نڪرندڙ پيٽروليم شين جي آمريڪا ۾ درآمد پڻ شامل آهي.
ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي ايڪس تي لکيو ته ايراني تيل ۽ پيٽرو ڪيميڪل جي برآمدات تي پابنديون معطل ڪيون ويون آهن، سامونڊي ناڪا بندي ختم ٿي وئي آهي ۽ ڪجهه منجمد اثاثا به جاري ڪيا ويا آهن.
آمريڪي ناڻي واري وزير اسڪاٽ بيسنٽ پنهنجي بيان ۾ چيو ته سوئٽزرلينڊ ۾ جاري بامقصد ڳالهين جي سلسلي ۾، ايران آبناءِ هرمز ۾ آزاد ۽ کليل راهداري ۽ بين الاقوامي ائٽمي توانائي ايجنسي (آءِ اَي اَي اَي) جي نمائندن کي پنهنجي ملڪ ۾ داخلا جي اجازت ڏيڻ جو واعدو ڪيو آهي، ان فريم ورڪ تحت ئي 60 ڏينهن جو عارضي لائسنس جاري ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته ايران تي پابنديون هٽائڻ وارو معاملو مفاهمتي يادداشت ۾ شامل هو.
دستاويز موجب، آمريڪا ايران خلاف سموريون معاشي پابنديون ختم ڪندو، جن ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل جا ٺهرائن ۽ آمريڪا جون هڪ طرفي پابنديون به شامل آهن.
ٻئي ڌريون ان معاملي کي ايندڙ ڳالهين ۾ فوري طور حل ڪرڻ جو ارادو رکن ٿيون، ايران گهڻي وقت کان آمريڪي ”آپريشن اڪنامڪ فيوري“ تحت عالمي مالي نظام کان الڳ هجڻ سبب سخت متاثر ٿيو آهي.