گلگت بلتستان: پيپلز پارٽي، ن ليگ ۽ آءِ پي پي جو اتحاد، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر بنا مقابلي چونڊجي ويا

گلگت (ويب ڊيسڪ) گلگت بلتستان اسيمبلي ۾ پيپلز پارٽي، ن ليگ ۽ استحڪام پاڪستان پارٽي (آءِ پي پي) جي وچ ۾ اتحاد ٿي ويو آهي، ٽنهي پارٽين جي حمايت سان اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر بنا مقابلي چونڊجي ويا.
گلگت بلتستان اسيمبلي جي اسپيڪر نذير احمد موجب، پيپلز پارٽي جو عمران نديم بنا مقابلي نئون اسپيڪر چونڊجي ويو، جڏهن ته ن ليگ جو ڪفايت الرحمان ايڊووڪيٽ بنا مقابلي ڊپٽي اسپيڪر چونڊجي ويو.
ايم ڊبليو ايم ۽ پي ٽي آءِ جي حمايت يافته اميدوارن اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ عمل ۾ حصو نه ورتو.
اڳوڻي اسپيڪر نذير احمد نئين چونڊيل اسپيڪر عمران نديم کان عهدي جو حلف ورتو، حلف برداري کانپوءِ اڳوڻي اسپيڪر سيٽ نئين اسپيڪر حوالي ڪري ڇڏي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته جي بي جي وڏي وزير جي چونڊ به بنا مقابلي ٿيڻ جو امڪان آهي.
ياد رهي ته ن ليگ کانپوءِ استحڪام پاڪستان پارٽي پڻ گلگت بلتستان ۾ حڪومت سازي ۾ پيپلز پارٽي جو ساٿ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. ان کان اڳ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آءِ پي پي جي صدر عبدالعليم خان سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري گلگت بلتستان ۾ گڏجي حڪومت ٺاهڻ جي دعوت ڏني هئي.
استحڪام پاڪستان پارٽي موجب، عبدالعليم خان بلاول ڀٽو زرداري جي آڇ قبول ڪري ورتي آهي.
آءِ پي پي صدر عبدالعليم خان جو چوڻ آهي ته بلاول ڀٽو سان خوشگوار ۽ هاڪاري ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، گلگت بلتستان ۾ وڏي وزير ۽ اسپيڪر جي چونڊ لاءِ ساٿ ڏينداسين ۽ وڏي وزير، اسپيڪر ۽ ٻين عهدن تي ڀاري اڪثريت سان ڪامياب ڪرائينداسين.

You might also like