مُلڪ جي مختلف شهرن ۾ 5.4 جي شدت جو زلزلو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.
زلزلي ماپ مرڪز موجب، خيبر پختونخواهه ۾ پشاور، سوات، باجوڙ، بونير، هنگو، شانگلا، ڪوهاٽ، مهمند ۽ شبقدر سميت ڀرپاسي وارن علائقن ۾ زلزلي جا شديد جهٽڪا محسوس ڪيا ويا.
ان کان سواءِ اسلام آباد، راولپنڊي، ڊي آءِ خان ۽ ملتان سميت ڀرپاسي وارن علائقن ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.
زلزلي ماپ مرڪز موجب، زلزلي جو مرڪز افغانستان ۾ هندوڪش جو جابلو سلسلو هو، زلزلي جي شدت 5.4 ۽ زمين اندر اونهائي 215 ڪلوميٽر رڪارڊ ڪئي وئي.

 

You might also like