اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف 9 ۽ 10 محرم الحرام تي سرڪاري موڪلن جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن کانپوءِ ڪابينا ڊويزن سرڪاري موڪلن بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.
جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، 9 ۽ 10 محرم الحرام تي سڄي ملڪ ۾ عام موڪل هوندي، جڏهن ته يومِ عاشورا جي موقعي تي ماتمي جلوس ۽ مجلسون منعقد ڪيون وينديون، موڪلن دوران سمورا سرڪاري آفيسون بند رهنديون.
ٻئي پاسي سنڌ حڪومت به 9 ۽ 10 محرم الحرام جي موڪلن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
صوبائي حڪومت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، 25 ۽ 26 جون تي عام موڪل هوندي.
ياد رهي ته پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ نبي ڪريم ﷺ جي ڏوهٽي حضرت امام حسين رضه ۽ اهلِ بيت جي اسلام لاءِ ڏنل عظيم قربانين جي ياد ۾ يومِ عاشورا عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويندو آهي.
محرم الحرام دوران مجلسن ۽ جلوسن جي حفاظت لاءِ سڄي ملڪ ۾ سيڪيورٽي جا غيرمعمولي انتظام ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته لاڳاپيل ادارن کي الرٽ رهڻ جون هدايتون پڻ جاري ڪيون ويون آهن.