برن (ويب ڊيسڪ) سوئٽزرلينڊ ۾ ايران سان ٿيل ڳالهين کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي آمريڪي نائب صدر جَي ڊِي وينس چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪ انتهائي هاڪاري رهيا آهن، لبنان ۾ امن برقرار رهيو آهي، جڏهن ته آبناءِ هرمز به کليل رهي آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، جَي ڊِي وينس چيو ته آچر ڏينهن ايران سان ٿيل ڳالهين دوران معاملن کي اڳتي وڌائڻ تي اتفاق ٿيو آهي ۽ ڳالهين ۾ اهم اڳڀرائي حاصل ڪئي وئي آهي.
سندس چوڻ هو ته ڳالهين جي شروعاتي مرحلي دوران ايراني وفد پاران واڪ آئوٽ جي ڌمڪي ڏني وئي هئي، جڏهن ته اهڙي قسم جون ڌمڪيون سوشل ميڊيا تي پڻ گردش ڪري رهيون هيون، پر ان باوجود ڳالهين جو سلسلو جاري رهيو.
جَي ڊِي وينس موجب، مقامي وقت موجب رات هڪ وڳي تائين ڳالهه ٻولهه هلندي رهي، جنهن دوران ٻنهي ڌرين وچ ۾ مختلف معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا سفارتي ذريعن وسيلي مسئلن جي حل کي ترجيح ڏئي ٿو ۽ ايران سان جاري ڳالهين مان هاڪاري نتيجن جي اميد رکي ٿو.