ايراني صدر مسعود پزشڪيان سڀاڻي پاڪستان پهچندو، دوري جا تفصيل پڌرا

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني صدر مسعود پزشڪيان اڱاري (سڀاڻي) تي پاڪستان جو دورو ڪندو.
ايراني سرڪاري ميڊيا موجب، صدر جي آفيس جي پبلڪ رليشنز ڊائريڪٽر حبيب الله عباسي ٻڌايو ته هن دوري جو مقصد آمريڪا-ايران ٽياڪڙي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهڻ ۽ پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف جو شڪريو ادا ڪرڻ آهي.
ياد رهي ته هي دورو اهڙي وقت ۾ ٿي رهيو آهي جڏهن گذريل ڏينهن سوئٽزرلينڊ ۾ پاڪستان ۽ قطر جي ٽياڪڙي ۾ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالهين جي شروعات ٿي آهي.

You might also like