ڄامشورو (رپورٽ :صدرالدين جوڻيجو) ڄامشورو شھر جي عبدالله چاوڙا ڳوٺ مان هڪ هفتو اڳ کنڀي گم ڪيل نوجوان منظور جمالي جو اڃا تائين پتو پئجي نه سگهيو، وارثن منظور جمالي جي آزادي لاءِ سندس امڙ نوران جمالي، ڀائرن نظير احمد جمالي، وزير جمالي، سئوٽ رحيم جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويو، احتجاجي مظاهري ۽ ڌرڻي ۾سماجي عورت اڳواڻ ڪشش خواجا، ايس ٽي پي اڳواڻ ساگر الائي بخش عالماڻي، ايس يو پي اڳواڻ باغي جي ايم شورو ، سجاد چانڊيو، دڪاندار اڳواڻ مرتضيٰ نائچ، شهري ايڪشن ڪميٽي چيئرمين ربنواز ابڙو، ذوالفقار مگسي، لال خان مري، ياسين برھماڻي ۽ سنجر خان جتوئي سوڌو ڄامشوري شھر جي وڏي انگ جمالي برادري، قومي ڪارڪنن ۽ شھرين شرڪت ڪئي، ڄامشوري پوليس پاران کنڀي گم ڪيل نوجوان جي وارثن کي مطئمن نه ڪري سگهڻ سبب ڌرڻو گذريل ٽن ڪلاڪن جاري رهيو احتجاجي مظاهري ۽ ڌرڻي سبب سوين مسافر گاڏيون انڊس هاءِ وي تي بيهجي ويون. ان موقعي تي گم ٿيل نوجوان جي والد محمد بخش جمالي، رحيم جمالي، نظير جمالي، وزير جمالي ۽ ٻين چيو ته اسان جي نوجوان منظور جمالي کي پوليس وردي ۾ گھران کنڀي گم ڪيو ويو آھي، اسان بروقت اي سيڪشن ٿاڻي وياسين، انھن جو چوڻ هو ته نوجوان کي جاچ جي سلسلي ۾ کنيو ويو آھي، پر پوليس سکڻا آسرا ڏئي رھي آھي، ان کي 6 ڏينھن گذري ويا آھن پر ان کي اڃا تائين آزاد ناھي ڪيو ويو، اسان کي پتو نٿو پئي ته ڇو کنڀيو ويو آھي، ھن جو ڪھڙو ڏوھ آھي، جيڪڏھن اسان جو نوجوان ڪنھن ڪيس ۾ گھربل آھي ته اھو ٻڌايو وڃي يا ان کي ان ڪيس ۾ ڪورٽ پيش ڪيو وڃي.