ڪراچي(رپورٽر)عوامي آواز ميڊيا گروپ جو سينئر ڪارڪن حزب الله شاهاڻي آفيس کان گهر واپس ويندي گم ٿيڻ بعد گهر واپس پهتو،وارثن ۽ اداري جي ڪارڪنن ۾ خوشي جي لهر ڊوڙي وئي،گهڻي ڳولا باوجود اشتهارن جي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ حزب الله شاهاڻي جو پتو نه پيو هو،ان ڏس ۾ حزب الله شاهاڻي جي پٽ هڪ وڊيو بيان ۾ چيو هو ته مان نالي مهراڻ خان شاهاڻي پُٽ حزب الله شاهاڻي هن وقت روزاني عوامي آواز ميڊيا گروپ جي هيڊ آفيس ۾ موجود آهيان، منهنجو والد گذريل رات 12:30 وڳي عوامي آواز اخبار جي آفيس مان نڪتو آهي ته هن وقت تائين گهر ناهي پهتو، اسان جناح اسپتال ۽ سول اسپتال سميت مختلف جاين تي سندس ڳولا ڪئي آهي، هن چيو ته عوامي آواز انتظاميا سان گڏ مختلف ٿاڻن تان به معلومات ورتي آهي پر منهنجي بابا حزب الله شاهاڻي جو ڪٿي به پتو نٿو پوي، منهنجو بابا عوامي آواز ميڊيا گروپ ۽ سگا ۾ ٻن هنڌن تي نوڪري ڪري گهر جو گذر ڪندو آهي ۽ انتهائي شريف انسان آهي، هن چيو ته منهنجي بابا حزب الله شاهاڻي يا اسان جي ڪٽنب جي ڪنهن به فرد جو ڪنهن غيرقانوني يا ڏوهاري قسم جي سرگرمي ۾ ڪڏهن به ڪو به هٿ ناهي رهيو، ٻئي پاسي رات دير سان حزب الله شاهاڻي گهر پهچي ويو،جنهن بعد گهرڀاتين،مٽن مائٽن،ساٿين ۾ خوشي جي لهر ڊوڙي وئي آهي