فيفا ورلڊ ڪپ: جرمني آئيوري ڪوسٽ کي مات ڏئي ناڪ آئوٽ مرحلي ۾ پهچي ويو

فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع ۾ جرمني آئيوري ڪوسٽ کي دلچسپ مقابلي کانپوءِ 1-2 تان مات ڏئي ڇڏي.

پرڏيهي ميڊيا موجب جرمني جي ٽيم 2014ع جي ميگا ايونٽ کانپوءِ پهريون ڀيرو 12 سالن بعد ناڪ آئوٽ رائونڊ لاءِ ڪواليفاءِ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي آهي.

جرمني طرفان فيصلا ڪندڙ گول انداوو راند جي انجري ٽائيم جي آخري لمحن ۾ ڪري ٽيم کي 3 قيمتي پوائنٽس ڏياري ڇڏيا. ميڪسيڪو ۽ آمريڪا کانپوءِ جرمني رائونڊ آف 32 ۾ جاءِ ٺاهيندڙ ٽين ٽيم بڻجي وئي آهي.

ٻئي پاسي نيدرلينڊز سويڊن کي 1 جي مقابلي ۾ 5 گولن تان مات ڏئي ڇڏي، جڏهن ته ڪوراسائو ۽ ايڪواڊور وچ ۾ مقابلو بنا ڪنهن گول جي برابر ختم ٿيو.

You might also like