واٽس ايپ اينڊرائيڊ واهپيدارن لاءِ ٻن نون فيچرز تي ڪم ڪري رهيو آهي، جن جي بيٽا ورزن ۾ آزمائش جاري آهي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ويب بيٽا انفو (WABetaInfo) ٻڌايو آهي ته واٽس ايپ ۾ ٽريڪنگ پورٽل ۽ مينيجنگ چيٽ بيڪ اپس نالي فيچرز جي جاچ ڪئي پئي وڃي.
رپورٽ موجب ٽريڪنگ پورٽل اهڙو فيچر هوندو، جنهن سان واهپيدارن کي خبر پئجي سگهندي ته هن وقت سندن ڪهڙو رابطو (ڪانٽيڪٽ) آن لائن آهي. اهو هڪ سائي رنگ جي ڊاٽ ذريعي ظاهر ٿيندو، جيڪو آن لائن رابطي جي پروفائل تصوير ڀرسان نظر ايندو.
هن فيچر ذريعي واهپيدار ڪنهن به ڪانٽيڪٽ جي دستيابي چيٽ انفارميشن اسڪرين مان معلوم ڪري سگهندو، جنهن لاءِ چيٽ ونڊو کولڻ جي ضرورت نه پوندي. رپورٽ موجب واهپيدار پنهنجي آن لائن اسٽيٽس کي پرائيويسي سيٽنگز ذريعي لڪائي به سگهندا.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هي سائي ڊاٽ وارو آن لائن انڊيڪيٽرفيس بوڪ ميسينجر ۽انسٽاگرام ۾ موجود آن لائن انڊيڪيٽر جهڙو هوندو، جنهن سان ڄاڻ ملندي ته ڪهڙو شخص ان وقت چيٽ لاءِ موجود آهي.
ٻئي پاسي واٽس ايپ بيڪ اپ مينيجمينٽ سيڪشن جي به آزمائش ڪري رهيو آهي. هن فيچر سان واهپيدار پراڻا بيڪ اپ ڏسي، ڊليٽ ۽ ڊپليڪيٽ ٺاهي سگهندا، جنهن سان ڊوائيس جي اسٽوريج جاءِ خالي ڪرڻ ۾ مدد ملندي.
رپورٽ موجب بيڪ اپ مينيجمينٽ فيچر اڃا شروعاتي مرحلي ۾ آهي ۽ بيٽا واهپيدارن لاءِ به دستياب ناهي. جڏهن اهو متعارف ڪرايو ويندو ته ان ۾ گوگل ڊرائيو اسٽوريج لاءِ شارٽ ڪٽ به شامل هوندو.