هاڻي آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ) ٽيڪنالاجي تيزي سان سادن چيٽ بوٽن کان اڳتي وڌندي ايجنٽن جي دور ۾ داخل ٿي رهي آهي، جڏهن ته ايندڙ سالن ۾ هن شعبي ۾ وڌيڪ وڏي ترقي جي اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب سام آلٽمين ۽ جيڪب پچوڪي موجب اي آءِ تحقيق جو مقصد هر شيءِ کي پاڻمرادو بڻائڻ نه، پر ماڻهن جي زندگين کي بهتر ۽ وڌيڪ ڪارائتو بڻائڻ آهي. ٻنهي اڳواڻن پاران جاري ڪيل هڪ دستاويز ۾ اي آءِ بابت مستقبل جي منصوبابندي تي روشني وڌي وئي آهي.
دستاويز موجباوپن اي آءِ ايندڙ سالن ۾ ٽن اهم شعبن تي وڌيڪ ڌيان ڏيندو. انهن ۾ هڪ پاڻمرادو ڪم ڪندڙ اي آءِ ريسرچر تيار ڪرڻ، معيشت جي واڌ ويجهه کي تيز ڪرڻ ۽ دنيا جي هر فرد لاءِ ذاتي آرٽيفيشل جنرل انٽيليجنس (AGI) اسسٽنٽ فراهم ڪرڻ شامل آهي.
رپورٽ موجب دستاويز ۾ اندازو ظاهر ڪيو ويو آهي ته مارچ 2028ع تائين اي آءِ سسٽمن جي تحقيق ۾ نمايان اڳڀرائي حاصل ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته AGI کانپوءِ پيدا ٿيندڙ نون چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ به رستا هموار ڪيا ويندا. ان ۾ اهو به اشارو ڏنو ويو آهي ته مستقبل جو ذاتي AGI اسسٽنٽ ماڻهن جي روزاني زندگي، سکيا، ڪم ۽ فيصلا سازي ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو.
واضح رهي ته دستاويز ۾ اهو به چيو ويو آهي ته هڪ پاڻمرادو اي آءِ ريسرچر AGI ڏانهن ويندڙ رستي کي وڌيڪ تيز ڪري سگهي ٿو. ٻئي پاسي، رپورٽن موجب اوپن اي آءِ جلد پنهنجي شيئرز عوام آڏو پيش ڪرڻ بابت به قدم کڻي سگهي ٿي.