ميسيءَ بابت ڪوڙي خبر هلائڻ تي ٽي وي ميزبان پاران استعيفا

ارجنٽينا(ويب ڊيسڪ) فٽبال اسٽار ليونيل ميسي جي پيءُ جي لاڏاڻي بابت ڪوڙي خبر هلائڻ تي ارجنٽينا جي ٽي وي ميزبان فلورينسيا پينا ميسي جي خاندان کان معافي وٺڻ کانپوءِ استعيفا ڏئي ڇڏي آهي.

پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب 51 ورهين جي فلورينسيا پينا هڪ لائيو شو دوران چيو ته ميسي جو بابا لاڏاڻو ڪري ويو ۽ اهو سڀ ڪجهه اوچتو ٿيو آهي. خبر هلڻ کانپوءِ اها سوشل ميڊيا تي تيزي سان پکڙجي وئي، جنهن سبب سڄي ارجنٽينا ۾ ڏک ۽ سوڳ جهڙي صورتحال پيدا ٿي وئي. بعد ۾ پينا وضاحت ڪئي ته هن خبر جي تصديق نه ٿي سگهي آهي.

رپورٽ موجب جڏهن اها خبر ميسي جي خاندان تائين پهتي ته هنن ان کي بي بنياد قرار ڏنو. خاندان جو چوڻ هو ته ميسيءَ جو بابا بيمار ضرور آهي ۽ هڪ اڻڄاتل بيماري سبب سندن علاج جاري آهي، پر هو صحتياب ٿي رهيا آهن.

خانداني بيان کانپوءِ فلورينسيا پينا سوشل ميڊيا تي معافي گهرندي چيو ته هوءَ ميسي جي خاندان کان شرمسار آهي. سندس چوڻ هو ته اها خبر کيس پروڊڪشن ٽيم طرفان ڏني وئي هئي، جنهن تي هن اعتماد ڪيو. هن اعتراف ڪيو ته هوءَ ان غلطي جو حصو بڻجڻ تي شرمندگي محسوس ڪري ٿي ۽ انهيءَ ڪري استعيفا ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ٻئي پاسي ٽي وي انتظاميا واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ته جيئن خبر جي تصديق کانسواءِ هلائڻ جا سبب معلوم ڪري سگهجن.

You might also like