فيلڊ مارشل عاصم منير نه هجي هان ته شايد اڄ هتي نه هجون ها : جي ڊي وينس

سوئٽزرلينڊ(ويب ڊيسڪ) آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس چيو آهي ته فيلڊ مارشل سيد عاصم منير هڪ عظيم فوجي اڳواڻ آهن ۽ جيڪڏهن سندن حڪمت عملي نه هجي ها ته شايد اڄ هو هتي موجود نه هجن ها.

پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ فني ڳالهين جي شروعات کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي جي ڊي وينس، وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير جي ڪردار کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان جي ڪردار کي عالمي سطح تي واکاڻ ملي آهي ۽ ٻنهي اڳواڻن جو ڪردار تعريف جوڳو آهي. سندس چوڻ هو ته هو مستقبل ۾ وڌيڪ بهتر لاڳاپا ۽ امن لاءِ ايران جي مثبت ڪردار جا خواهشمند آهن.

جي ڊي وينس وڌيڪ چيو ته اسلام آباد ۾ استقبال کان پوءِ هو مذاق ۾ چوندو رهيو آهي ته سندس زندگيءَ جي ٻن اهم شخصيتن مان هڪ ڀارتي ۽ ٻي پاڪستاني آهي، ڀارتي شخصيت سندس گهرواري آهي، جڏهن ته پاڪستاني شخصيت فيلڊ مارشل عاصم منير آهن. هن چيو ته گذريل ٽن مهينن دوران هن جيتري ڳالهه ٻولهه فيلڊ مارشل عاصم منير سان ڪئي آهي، شايد ڪنهن ٻئي سان نه ڪئي هجي.

آمريڪي نائب صدر چيو ته آمريڪا جي ترجيح آهي ته وچ اوڀر ۾ امن هجي ۽ لبنان جي صورتحال تي به ڳڻتي آهي. سندس چوڻ هو ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ مختلف مسئلن جي حل لاءِ سفارتي رستا اختيار ڪرڻ جو چيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته هاڻي اهڙي مستقبل ڏانهن وڌي رهيا آهن جتي سڀ گڏجي امن، خوشحالي ۽ بحرانن جي خاتمي لاءِ ڪم ڪن، جڏهن ته ايراني عوام سان لاڳاپا بهتر بڻائڻ ۽ علائقي ۾ استحڪام آڻڻ لاءِ نئين شروعات ڪئي پئي وڃي.

You might also like