سوئٽزرلينڊ ۾ ٿيندڙ آمريڪا-ايران فني ڳالهيون، وزيراعظم شهباز شريف جي شرڪت جو به امڪان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي اڄ رات زيورخ روانگي جو امڪان آهي.

ياد رهي ته آمريڪي نمائندي اسٽيو وِٽڪوف ۽ جيرڊ ڪشنر اڳ ئي سوئٽزرلينڊ ۾ موجود آهن، جڏهن ته آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس جي به اڄ سوئٽزرلينڊ پهچڻ جي اميد آهي.

ٻئي پاسي ايران جو ڳالهيون ڪندڙ وفد باقر قاليباف جي اڳواڻي ۾ سوئٽزرلينڊ روانو ٿي ويو آهي.

ايراني ميڊيا موجب وفد ۾ پرڏيهي وزير عباس عراقچي، ايراني قومي سلامتي ڪائونسل جو عملدار علي باقري، ايراني مرڪزي بئنڪ جو گورنر عبدالناصر همتي، ڪاظم غريب آبادي ۽ اسماعيل بقائي شامل آهن.

پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب، آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ اسلام آباد ٺاهه نامي تحت فني سطح جون ڳالهيون 21 جون تي سوئٽزرلينڊ ۾ ٿينديون.

سوئٽزرلينڊ جي شهر برگن اسٽاڪ ۾ ٿيندڙ انهن ڳالهين ۾ آمريڪا، ايران، پاڪستان ۽ قطر جا نمائندا شرڪت ڪندا.

ترجمان موجب اسلام آباد ٺاهه نامي تي صحيحن کان پوءِ اڳتي جي عمل طور فني سطح جون ڳالهيون منعقد ڪيون پيون وڃن.

پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان وچٿري ڌر طور ڳالهين جي عمل کي سهولت فراهم ڪندو رهندو. پاڪستان جو مقصد اسلام آباد ٺاهه نامي تحت ٿيل اتفاقِ راءِ کي اڳتي وڌائڻ آهي، جڏهن ته پاڪستان امن جي عمل ۾ پنهنجي وچٿري ڪردار کي جاري رکندو.

You might also like