اسرائيل طرفان حزب الله سان جنگبندي جون ڀڃڪڙيون جاري، لبنان تي بمباري ۾ ٻارن سميت 16 ڄڻا شهيد

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)عرب ميڊيا موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران شهيد ٿيلن جو انگ 28 ٿي ويو آهي. اسرائيلي هوائي فوج نبطيه، جزين ۽ صور سميت مختلف علائقن کي نشانو بڻايو، جڏهن ته ڪيترين رهائشي عمارتن کي تباهه ڪيو ويو آهي. ملبن هيٺ وڌيڪ ماڻهن جي دٻجي وڃڻ جا خدشا به ظاهر ڪيا پيا وڃن.

ياد رهي ته اسرائيل گذريل ڏينهن حزب الله سان جنگبندي جو اعلان ڪيو هو.

ٻئي پاسي حزب الله چيو آهي ته هو جنگبندي تي عمل ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي، پر لبنان تي قبضي لاءِ اسرائيل جي ڪوششن جي ڀرپور مزاحمت ڪئي ويندي.

پنهنجي بيان ۾ حزب الله چيو ته ڏکڻ لبنان ۾ نبطيه ڏانهن وڌندڙ اسرائيلي فوجين کي نشانو بڻايو ويو آهي.

حزب الله وڌيڪ چيو ته هو ڪالهه کان نئين جنگبندي تي عمل ڪري رهيا آهن، پر اسرائيل حملن جي شدت ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي. حزب الله انهن حملن جو جواب ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي.

You might also like