پيپلز پارٽي گلگت بلتستان ۾ امجد حسين کي وڏي وزير لاءِ نامزد ڪري ڇڏيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پيپلز پارٽي گلگت بلتستان ۾ امجد حسين کي وڏي وزير لاءِ نامزد ڪري ڇڏيو

ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي گلگت علائقي مان پهريون ڀيرو ڪنهن شخص کي وڏي وزير جي عهدي لاءِ نامزد ڪيو آهي.

واضح رهي ته امجد حسين، پيپلز پارٽي گلگت بلتستان جو صدر پڻ آهي.

امجد حسين تازين چونڊن ۾ گلگت جي پهرين تڪ تان ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.

ياد رهي ته گلگت بلتستان جي اليڪشن ڪميشن طرفان 24 مان 21 تڪن جي سرڪاري نتيجن جو اعلان ڪيو ويو آهي.

جاري ڪيل پڌرائي موجب پيپلز پارٽي 9، مسلم ليگ (ن) 6، استحڪام پاڪستان پارٽي 4، مجلس وحدت المسلمين هڪ ۽ هڪ آزاد اميدوار هڪ سيٽ حاصل ڪئي آهي.

پڌرائي موجب اسڪردو جي ٽئين تڪ ۽ ديامر جي ٽئين ۽ پهرئين تڪ جي نتيجن جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو.

اليڪشن ڪميشن موجب عورتن لاءِ مخصوص 6 سيٽن مان 3 پيپلز پارٽي، 2 مسلم ليگ (ن) ۽ هڪ استحڪام پاڪستان پارٽي کي مليون آهن.

ٽيڪنوڪريٽ لاءِ مخصوص 3 سيٽن مان هڪ هڪ سيٽ پيپلز پارٽي، مسلم ليگ (ن) ۽ استحڪام پاڪستان پارٽي جي حصي ۾ آئي آهي.

پيپلز پارٽي جي اڳواڻ نير حسين بخاري چيو آهي ته پيپلز پارٽي وٽ مخصوص ۽ ٽيڪنوڪريٽ وارين سيٽن سميت 17 کان 19 سيٽن جي واضح اڪثريت بڻجي ٿي، ان شاءَ الله گلگت بلتستان ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي حڪومت ٺاهيندي.

You might also like