ميلوني مشهور ٿيڻ لاءِ ٻيهر دوستي رکڻ چاهي ٿي: ٽرمپ

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)پنهنجي بيان ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته اٽلي جي وزيراعظم جارجيا ميلوني بار بار ساڻس تصوير ڪڍرائڻ جي درخواست ڪئي هئي. هن چيو ته فرانس ۾ جي-7 اجلاس دوران به ميلوني ساڻس گڏ تصوير ڪڍرائڻ لاءِ چيو هو.

ٽرمپ جو چوڻ هو ته اٽلي ۾ جورجيا ميلوني جي مقبوليت تيزي سان گهٽجي رهي آهي. سندس خيال موجب ميلوني جي مقبوليت ۾ گهٽتائي جو سبب شايد ايران واري معاملي تي آمريڪا جي ڳالهه نه مڃڻ آهي. هن وڌيڪ چيو ته جورجيا ميلوني آمريڪا کي اٽلي جي رن ويز استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني هئي.

آمريڪي صدر چيو ته آمريڪا اٽلي ۽ ٻين نيٽو اتحادي ملڪن جي تحفظ لاءِ هر سال اربين ڊالر خرچ ڪندو آهي۔ هاڻي جڏهن آمريڪا ايران کي شڪست ڏني آهي ته ميلوني پنهنجي مقبوليت وڌائڻ لاءِ ٻيهر دوستي چاهي ٿي، پر ”نو ٿئنڪس“

واضح رهي ته گذريل ڏينهن ٽرمپ هڪ اطالوي ٽي وي چينل کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو هو ته جورجيا ميلوني جي-7 اجلاس دوران ساڻس تصوير ڪڍرائڻ لاءِ گهڻي منٿ ميڙ ڪئي هئي.

آمريڪي صدر جي بيان کان پوءِ جورجيا ميلوني سخت ردعمل ڏيندي چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ جا بيان مڪمل طور تي من گهڙت آهن. هن چيو ته هوءَ واقعي حيران آهي ۽ سمجهي نٿي سگهي ته آمريڪا جو صدر پنهنجي اتحادي ملڪن سان اهڙو رويو ڇو اختيار ڪري ٿو، جڏهن ته اهو پهريون ڀيرو به ناهي.

ٽرمپ جي بيان کان پوءِ آمريڪا ۽ اٽلي جي لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي، جڏهن ته اٽلي جي پرڏيهي وزير ايندڙ هفتي جو آمريڪا جو طئي ٿيل دورو به رد ڪري ڇڏيو.

You might also like