پشاور(ويب ڊيسڪ)بنون ۾ روڊ ڪناري نصب ٿيل بم ڌماڪن ۾ 7 ڄڻا فوت، 3 زخمي
خيبر پختونخوا جي شهر بنون جي علائقي مرڪه بيرا ۾ ٻن ڌماڪن جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا.
ڊي پي او ياسر آفريدي موجب روڊ تي نصب ڪيل بارودي مواد ڌماڪي سان ڦاٽي پيو، جنهن جي زد ۾ اچي مسافر وين ۾ سوار 5 ڄڻا فوت ٿي ويا.
ڊي پي او ٻڌايو ته ڪجهه دير بعد ٻيو ڌماڪو به ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ امدادي ڪارروائي ڪندڙ 2 ڄڻا پڻ فوت ٿي ويا.
ياسر آفريدي موجب ٻئي ڌماڪي سبب هڪ گاڏي به متاثر ٿي، جڏهن ته فوتين جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي ۽ واقعي بابت جاچ جاري آهي.