”پنج هزار رپين جي نوٽ تي نواز شريف جو ڦوٽو به لڳايو“

لاهور(ويب ڊيسڪ)مسلم ليگ (ن) جي پنجاب اسيمبلي جي ميمبر ارشد ملڪ 5 هزار رپين جي نوٽ تي نواز شريف جي تصوير لڳائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

پنجاب اسيمبلي جي اجلاس دوران مسلم ليگ (ن) جي ايم پي اي ارشد ملڪ مطالبو ڪيو ته 5 هزار رپين جي نوٽ تي نواز شريف جي تصوير پڻ هجڻ گهرجي.

ارشد ملڪ چيو ته 5 هزار رپين جي نوٽ تي قائداعظم سان گڏ نواز شريف جي تصوير به شامل ڪئي وڃي.

هن جو چوڻ هو ته نواز شريف ئي اهو اڳواڻ هو، جنهن هن ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪيو.

پنجاب اسيمبلي جي ميمبر وڌيڪ چيو ته ملڪ جي ترقي ۽ تعمير ۾ نواز شريف جون خدمتون اهم آهن، تنهن ڪري سندس تصوير به 5 هزار رپين جي نوٽ تي هجڻ گهرجي.

You might also like