پيٽرول شين جي اگهن ۾ ڪهڙا ۽ ڪيترا ٽيڪس آهن؟ مڪمل تفصيل

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پيٽروليم ڊويزن جي ذريعن موجب، پيٽرول جي في ليٽر اگهه ۾ 29 سيڪڙو ٽيڪس شامل آهي، جڏهن ته هڪ ليٽر پيٽرول جي اگهه ۾ 88 رپيا 7 پئسا مختلف ٽيڪسن جي مد ۾ ورتا پيا وڃن.

ذريعن موجب، في ليٽر پيٽرول جي قيمت ۾ 19 رپيا 32 پئسا ڪسٽم ڊيوٽي، 66 رپيا 25 پئسا پيٽروليم ليوي ۽ 2 رپيا 50 پئسا ڪلائميٽ سپورٽ ليوي شامل آهي.

پيٽروليم ڊويزن جي ذريعن مطابق، هڪ ليٽر ڊيزل جي قيمت ۾ به 29 سيڪڙو ٽيڪس شامل آهي ۽ في ليٽر ڊيزل تي 91 رپيا 15 پئسا ٽيڪس لاڳو آهن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته هڪ ليٽر ڊيزل جي قيمت ۾ 15 رپيا 68 پئسا ڪسٽم ڊيوٽي، 72 رپيا 97 پئسا ليوي ۽ 2 رپيا 50 پئسا ڪلائميٽ سپورٽ ليوي شامل آهي۔

واضح رهي ته گذريل ڏينهن حڪومت پيٽرول جي قيمت ۾ في ليٽر 74 رپيا 28 پئسا ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 67 رپيا 31 پئسا گهٽتائي جو اعلان ڪيو هو. گهٽتائي کان پوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 299 رپيا 50 پئسا في ليٽر، جڏهن ته ڊيزل جي نئين قيمت 311 رپيا 47 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.

You might also like