تهران(ويب ڊيسڪ)ايراني فوج جي خاتم الانبيا مرڪزي هيڊڪوارٽر آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان جنگبندي معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي آبنائي هرمز ٻيهر بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
رائٽرز موجب ايراني خبر ايجنسي جي حوالي سان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان جنگبندي معاهدي جي ڀڃڪڙي سبب آبنائي هرمز بند ڪئي وئي آهي.
خاتم الانبيا مرڪزي هيڊڪوارٽر جو چوڻ آهي ته آبنائي هرمز آمريڪا جي دوکي ۽ وعدي خلافي سبب بند ڪئي وئي آهي. آمريڪا مفاهمتي يادداشت جي پهرين شرط جي ئي کلي عام ڀڃڪڙي ڪئي آهي. بيان موجب اسرائيل طرفان لبنان سان جنگبندي جي لڳاتار خلاف ورزين پڻ ان فيصلي جو سبب بڻيون آهن.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته آبناءِ هرمز بند ڪرڻ پهريون قدم آهي، جيڪڏهن جارحيت جاري رهي ته وڌيڪ سخت قدم کنيا ويندا.