واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪا جي اڳوڻي پرڏيهي وزير هيلري ڪلنٽن انڪشاف ڪيو آهي ته اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو 2009 کان لڳاتار ايران خلاف فوجي ڪارروائي لاءِ آمريڪي حمايت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي.
هڪ انٽرويو ۾ هيلري ڪلنٽن چيو ته سندس پرڏيهي وزارت واري دور ۾ نيتن ياهو، ان وقت جي اسرائيلي دفاع واري وزير ايهود باراڪ ۽ ٻين اسرائيلي اڳواڻ بار بار آمريڪا تي زور ڀريندا هئا ته ايران تي حملي جي حمايت ڪئي وڃي.
هن چيو ته اهو هڪ لڳاتار ۽ ڪڏهن ختم نه ٿيندڙ دٻاءُ هو، نيتن ياهو بار بار چوندو هو ته آمريڪا کي ايران تي حملي ۾ اسرائيل جي مدد ڪرڻ گهرجي.
هيلري ڪلنٽن موجب 2009 کان 2012 تائين آمريڪا وٽ ايران خلاف ڪارروائي جي وڌيڪ فوجي صلاحيت موجود هئي، ان ڪري واشنگٽن ۽ تل ابيب وچ ۾ هن معاملي تي لڳاتار بحث ٿيندو رهيو.
هن ٻڌايو ته اسرائيلي عملدار اڪثر چوندا هئا ته ”اسان جا جهاز رن وي تي تيار بيٺا آهن“ ۽ هوءَ چوندي هئي ته اسان کي هر وقت اهڙي دٻاءَ ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي هئي.