آمريڪا ۽ سعودي ولي عھد ۾ رابطو، آمريڪا-ايران ڊيل تي مبارڪون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف ۽ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ٽيليفون ذريعي رابطو ڪري هڪ ٻئي کي ايران ـ آمريڪا معاهدي تي دستخط ٿيڻ جي مبارڪباد ڏني.

وزيراعظم آفيس موجب ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته ايران ـ آمريڪا معاهدي جي ايندڙ مرحلن کي ڪاميابي سان اڳتي وڌائڻ انتهائي ضروري آهي ۽ ڳالهين واري عمل کي نقصان پھچائڻ جي هر ڪوشش خلاف مڪمل هوشياري اختيار ڪئي ويندي.

پڌرائي موجب سعودي ولي عهد وزيراعظم کي ايران ـ آمريڪا معاهدي تي مبارڪباد ڏني ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي لڳاتار ڪوششن کي ساراهيو.

سعودي ولي عهد چيو ته فيلڊ مارشل جي محنتن سبب امن معاهدو ڪاميابي سان طئي ٿيو.

ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن اهو به اتفاق ڪيو ته ايران ـ آمريڪا معاهدي جي ايندڙ مرحلي کي ڪاميابي سان اڳتي وڌائڻ لازمي آهي.

پڌرائي موجب وزيراعظم چيو ته ٻئي ملڪ هڪ گڏيل اقتصادي پيڪيج کي حتمي شڪل ڏئي ان تي صحيحون ڪرڻ لاءِ تيار آهن.

وزيراعظم سعودي ولي عهد کي پاڪستان جي دوري جي دعوت به ٻيهر ڏني.

ٻنهي اڳواڻن جي گفتگو دوران ان ڳالهه تي به اتفاق ٿيو ته ايران ۽ آمريڪا جي باقي رهيل مسئلن کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ ضروري آهي.

پڌرائي موجب ٻنهي اڳواڻن ايندڙ ڏينهن ۾ گڏيل رابطي ۽ ويجهي سهڪار جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ۽ وزيراعظم امن جي ڪوششن لاءِ سعودي ولي عهد جي لڳاتار ۽ مڪمل حمايت تي دل سان شڪريو ادا ڪيو.

You might also like