گهانا (ويب ڊيسڪ) فٽبال جي دنيا هڪ ڏکوئيندڙ خبر سامهون آئي آهي ته ميچ دوران گول ڪيپر مخالف رانديگر کي مبينا طور تي قتل ڪري ڇڏيو، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، هي واقعو گھانا ۾ مقامي سطح جي هڪ فٽبال ميچ دوران پيش آيو، جتي هڪ نوجوان رانديگر مخالف ٽيم جي گول ڪيپر سان سخت ٽڪر ٿيڻ کانپوءِ فوت ٿي ويو.
وائرل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته رانديگر بال کڻي گول پوسٽ ڏانهن وڌي رهيو هو ته گول ڪيپر کيس روڪڻ لاءِ ٽپو ڏئي سندس ڳچيءَ تي لت وهائي ڪڍي، جيڪا رانديگر جي موت جو ڪارڻ بڻي.
هن واقعي ميچ ڏسندڙن کي ڏُک ۽ صدمي ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي.
سوشل ميڊيا واهپيدارن ۽ شوقينن ان واقعي کي ڄاڻي واڻي حملو قرار ڏيندي سخت خدشن جو اظهار ڪيو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، گھانا فٽبال ايسوسيئيشن ۽ لاڳاپيل اختيارين وڊيو جي روشني ۾ واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته گول ڪيپر جي گرفتاري بابت اڃا تائين ڪا تصديق ناهي ٿي سگهي.