اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)ملڪ ۾ هفتيوار مهانگائي 0.46 سيڪڙو وڌي وئي، جنهن کانپوءِ مهانگائي جي مجموعي سالياني شرح 15.28 سيڪڙو ٿي وئي آهي.
ڳڻپ کاتي طرفان مهانگائي بابت جاري ڪيل هفتيوار رپورٽ موجب، هڪ هفتي دوران 25 ضروري شين جي قيمتن ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي.
رپورٽ موجب، هفتي دوران 11 شيون سستيون ٿيون ۽ 15 جا اگهه مستحڪم رهيا، جڏهن ته هڪ هفتي اندر ٽماٽا 16.65 سيڪڙو مهانگا ٿيا، پٽاٽا 6.82 ۽ ڪڪڙ 5.60 سيڪڙو مهانگو ٿيو.
رپورٽ موجب، هڪ هفتي دوران واشنگ سوپ جي قيمت ۾ 1.16 سيڪڙو واڌ ٿي، کير، ڌونئرو، ٻاڪري گوشت ۽ آنن سميت ٻين شين جي قيمتن ۾ به واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته ايل پي جي جي قيمت 0.51 سيڪڙو وڌي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هڪ هفتي ۾ بصر 2.98 سيڪڙو سستا ٿيا، ٿوم 2.51 ۽ ڪيلا 1.28 سيڪڙو سستا ٿيا.
ان کانسواءِ ڊيزل 1.06 ۽ پيٽرول جي قيمت ۾ 0.52 سيڪڙو گهٽتائي ٿي، جڏهن ته دالين ۽ اَٽي جي قيمتن ۾ به لاٿ آئي آهي.