ويڀَو سوريا ونشي سان والدين سفر ڇو ڪندا؟ بي سي سي وضاحت جاري ڪري ڇڏي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽر ويڀَو سورياونشي سان گڏ والدين جي سفر ڪرڻ بابت ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) وضاحت جاري ڪري ڇڏي.
واضح رهي ته ڀارتي ٽيم جون-جولاءِ ۾ آئرلينڊ ۽ انگلينڊ جي دوري تي ويڀَو سورياونشي سان گڏ سندس والدين کي سفر ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي.
ان سلسلي ۾ بي سي سي آئي جي سيڪريٽري ديواجيت سائڪيا معاملي تي وضاحت ڪئي.
ديواجيت سائڪيا چيو ته سينيئر ليول تي هر نيشنل ٽيم ۾ ڪو به 14 يا 15 ورهين جو رانديگر ناهي هوندو، ڪيترن ئي ڏهاڪن کانپوءِ  اسان کي ويڀَو سورياونشي جهڙو رانديگر مليو آهي، هڪ وقت هو جڏهن ان عمر ۾ سچن ٽنڊولڪر نيشنل ٽيم ۾ جاءِ ٺاهي هئي.
هن چيو ته اهڙي قسم جو ٻارڙو جڏهن نيشنل ٽيم جو حصو هوندو آهي ته ڪيترائي مسئلا سامهون اچي سگهن ٿا، اهو فيصلو سورياونشي کي ڪمفرٽبل محسوس ڪرائڻ ۽ سينيئر رانديگرن جي ماحول سان هم آهنگ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.
ديواجيت سائڪيا جو چوڻ هو ته اسان جو خيال آهي ته اهڙن قدمن سان ويڀَو سورياونشي بابت ڪيئي مسئلا گهٽائڻ ۾ مدد ملندي.
You might also like