تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني پرڏيهي کاتي جي ذريعن اسرائيلي فوج پاران لبنان مٿان ڪيل حملن کي آمريڪا-ايران ڳالهيون ملتوي ٿيڻ جو سبب قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، ايراني پرڏيهي کاتي ذريعن جو چوڻ آهي ته اڄ صبح به اسرائيلي فوج جي لبنان تي حملن ۾ 16 ماڻهو شهيد ٿيا آهن، جنهن ڪري ايراني وفد سوئٽزرلينڊ لاءِ روانو ئي نه ٿيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڳالهين واري وفد جي سربراهي ڪندڙ باقر قاليباف ۽ پرڏيهي وزير عباس عراقچي سوئٽزرلينڊ روانگي لاءِ بلڪل تيار هئا، پر اسرائيلي جارحيت جاري رهڻ سبب ايراني وفد جو دورو آخري لمحن ۾ ملتوي ڪيو ويو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آمريڪا سان ملتوي ڪيل ڳالهين جي نئين تاريخ يا هنڌ جو اڃا تائين فيصلو ناهي ڪيو ويو.
ذريعن وڌيڪ چيو ته لبنان ۾ اسرائيلي ڪارروائي ويجهڙائي وارن هفتن دوران ڪيل بدترين بمباري آهي.
ٻئي پاسي ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آمريڪا امن لاءِ پرعزم آهي، اسان لبنان، حزب الله ۽ اسرائيل سميت سمورن محاذن تي مڪمل جنگ بندي جي اميد رکون ٿا.