آمريڪا-ايران وچ ۾ سوئٽزرلينڊ ۾ رٿيل ڳالهيون ملتوي، اسرائيل جي لبنان تي بمباري، 16 ڄڻا شهيد

تهران/واشنگٽن/برن(ويب ڊيسڪ) سوئٽزرلينڊ ۾ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ اڄ رٿيل ڳالهيون اوچتو ملتوي ڪيون ويون آهن، جڏهن ته ان ئي دوران اسرائيل ڏکڻ لبنان ۾ هوائي حملا ڪري 16 شهرين کي شهيد ڪري ڇڏيو آهي.
آمريڪا-ايران ڳالهيون ملتوي
سوئس پرڏيهي وزارت تصديق ڪئي آهي ته جمعي جي ڏينهن برجنسٽاڪ ۾ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهيون هاڻي نه ٿينديون.
ٻئي پاسي وائٽ هائوس اختيارين جو چوڻ آهي ته آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس اڄ سوئٽزرلينڊ روانو نه ٿي رهيو آهي.
وائٽ هائوس جي ترجمان موجب، ڳالهين جي لاجسٽڪس سدائين پيچيده ۽ غير امڪاني رهي آهي، تنهنڪري في الحال نائب صدر جو دورو ملتوي ڪيو ويو آهي ۽ ڪا به جوڳي اڳڀرائي ٿيڻ تي ايندڙ قدمن کان آگاهه ڪيو ويندو.
سوئس پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته هو ڳالهين جي ميزباني ۽ سهولتڪاري لاءِ بدستور تيار آهن، پر هنن ڳالهين جي ڪنهن نئين تاريخ بابت ڄاڻ نه ڏني آهي.
اسرائيل جو لبنان ۾ حملو
هواڏنهن اسرائيل ڏکڻ لبنان جي ضلعي نبطيه ۾ شديد بمباري ڪئي آهي.
لبناني ميڊيا موجب، اسرائيلي فوج ڪيترن ئي رهائشي گهرن کي نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ 16 ماڻهو شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن.
ياد رهي ته ان کان اڳ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ نائب صدر جي ڊي وينس اسرائيل کي لبنان ۾ حملن کان روڪڻ جون هدايتون ڏئي چڪا آهن.

You might also like