اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ وڏي لاٿ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
وزيراعظم پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته پيٽرول جي قيمت ۾ 74 رپيا ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 67 رپيا گهٽتائي ڪئي پئي وڃي.
هن چيو ته جيڪو واعدو قوم سان ڪيو هو، اهو پورو ڪري رهيا آهيون.
نئين قيمتن جي تفصيل موجب، پيٽرول 373 رپين مان گهٽجي 299 رپيا في ليٽر ٿي ويندو، جڏهن ته ڊيزل جي قيمت 378 رپين مان گهٽجي 311 رپيا في ليٽر ٿي ويندي.
وزيراعظم شهباز شريف وڌيڪ چيو ته عوام جي ڏکيائين جي ڀلي ڀت ڄاڻ آهي، عوام ڏکين حالتن ۾ صبر ۽ برداشت جو مثال قائم ڪيو آهي، تنهن ڪري ڏکئي وقت ۾ حڪومت جو ساٿ ڏيڻ تي اسان عوام جا ٿورائتا آهيون.