گهڻو وقت ويٺي گذارڻ سان ٿولهه، ڪينسر ۽ دل جي بيمارين جهڙن سنگين طبي مسئلن جو خطرو وڌي سگهي ٿو، پر تمام گهٽ وقت ويهڻ به صحت لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿو.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب اها ڳالهه هڪ نئين طبي تحقيق ۾ سامهون آئي آهي ته روزانو ڪيترا ڪلاڪ ويهڻ صحت لاءِ نقصانڪار نه هوندو.
تحقيق موجب جيڪي ماڻهو سراسري طور ڏينهن ۾ 4 ڪلاڪ ويهندا آهن، انهن ۾ مختلف بيمارين جو خطرو انهن ماڻهن جي ڀيٽ ۾ گهٽ ڏٺو ويو جيڪي 2 ڪلاڪن کان گهٽ يا 8 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت ويهندا آهن.
ماهرن موجب ويهڻ جا فائدا ۽ نقصان هر فرد جي جسماني حالت موجب مختلف ٿي سگهن ٿا. جسماني طور سرگرم ماڻهن لاءِ مناسب وقت تائين ويهڻ ڪارائتو ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته ان سان هڏن تي دٻاءُ گهٽجي سگهي ٿو ۽ جسم کي بحالي لاءِ وقت ملي ٿو.
ماهرن چيو ته جيتوڻيڪ گهڻو وقت ويهڻ صحت لاءِ نقصانڪار آهي، پر ويهڻ ۽ صحت جي وچ ۾ تعلق ايترو سادو ناهي. جسماني طور تمام گهڻو سرگرم ماڻهن لاءِ مناسب وقت تائين ويهڻ فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿو. تحقيق ۾ وڌيڪ ڄاڻ ملي ته ماڻهن جو روزانو ويهڻ جو سراسري وقت ان ڳالهه تي اثرانداز ٿئي ٿو ته سندن صحت لاءِ ڪهڙي عادت بهتر آهي ۽ ڪنهن به سبب موت جو خطرو ڪيئن گهٽجي سگهي ٿو.
تحقيق ۾ شامل 50 سيڪڙو کان وڌيڪ ماڻهن جو ويهڻ جو وقت روزانو 4 ڪلاڪن کان گهٽ هو. انهن ماڻهن جي صحت ۾ ان وقت بهتري ڏٺي وئي، جڏهن هنن جسماني سرگرمي لاءِ مخصوص 30 منٽن جي وقت کي سمهڻ يا ويهڻ بدران سرگرمي ۾ تبديل ڪيو، جنهن سان ڪنهن به سبب موت جو خطرو 4 کان 6 سيڪڙو تائين گهٽ ٿيو.
ساڳي ريت جيڪي ماڻهو روزانو 4 ڪلاڪن کان وڌيڪ ويهندا آهن، انهن لاءِ ويهڻ جو وقت 30 منٽ گهٽ ڪري جسماني سرگرمي وڌائڻ سان صحت کي فائدو پهچي سگهي ٿو.
ماهرن موجب تحقيق جا نتيجا ان ڳالهه جي اهميت ظاهر ڪن ٿا ته تمام گهڻو وقت ويهي گذارڻ کان پاسو ڪيو وڃي ۽ روزاني زندگي ۾ جسماني سرگرمين لاءِ وڌيڪ وقت ڪڍيو وڃي.