اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان فاطما ثنا جو برطانوي ڪرڪيٽ ليگ دي هنڊريڊ سان معاهدو ٿي ويو آهي.
ڪرڪيٽ ويب سائيٽ جي رپورٽ موجب فاطمه ثنا کي برمنگهم ڦينڪس ويمن اسڪواڊ جو حصو بڻايو آهي.
رپورٽ موجب فاطمه ثنا کي آسٽريليا جي لوسي هملٽن جي جاءِ تي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي. دي هينڊرڊ ليگ 21 جولاءِ کان 16 آگسٽ تائين کيڏي ويندي، جڏهن ته فاطمه ثنا هن ليگ ۾ کيڏندڙ پهرين پاڪستاني وومين ڪرڪيٽر بڻجي ويندي.
ڪرڪيٽ ويب سائيٽ موجب پاڪستاني ٽيم جي ڪپتان کي گهٽ ۾ گهٽ 15 هزار پائونڊ معاوضو ملندو.
رپورٽ موجب پاڪستان جي سري لنڪا دوري سبب فاطمه ثنا جي دستيابي محدود ميچن تائين ٿي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان ٽيم 23 جولاءِ کان 4 آگسٽ تائين وائيٽ بال سيريز لاءِ سري لنڪا جو دورو ڪندي.