ڳرا ڏنڊ: ڪراچي ٽرانسپورٽ انتظاميا ۽ ٽريفڪ پوليس وچ ۾ ڳالهيون ناڪام، هڙتال جاري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي ٽرانسپورٽ اتحاد ۽ ڪراچي بس اونرز ايسوسيئيشن ڳرن ڏنڊن ۽ ڪريڪ ڊائون خلاف هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

رپورٽ موجب ٽرانسپورٽ اتحاد جي انتظاميا موجب احتجاج اڄ کان اڻڄاتل مدي تائين جاري رهندو.

انتظاميا جو چوڻ آهي ته ٽريفڪ پوليس سان ٿيل ڳالهيون ڪامياب نه ٿي سگهيون.

انتظاميا موجب ڪيترين ئي بسن تي ڳرا چالان ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ڏنڊن کانپوءِ پوليس پهرين جولاءِ کان گاڏين خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪرڻ واري آهي.

ٽرانسپورٽرن جو چوڻ آهي ته موجوده ڪارروائين سبب سندن ڪاروبار سخت متاثر ٿي رهيو آهي، تنهن ڪري مطالبن جي مڃتا تائين هڙتال جاري رکي ويندي.

You might also like