بي آءِ ايس پي کي نشانو بڻائڻ افسوسناڪ آهي، اسان پروگرام جو دفاع ڪندا رهنداسين: بلاول

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جنهن طريقي سان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) کي نشانو بڻايو ويو، اهو افسوسناڪ آهي، تنهن ڪري ڪو ان جو دفاع ڪري يا نه ڪري، اسان ضرور ان جو دفاع ڪنداسين.

رپورٽ موجب قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وفاق کي معاشي ڏکيائيون آهن ته صوبن کي به معاشي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. هن چيو ته 18هين آئيني ترميم باوجود ڪنهن به صوبي کي سندس مڪمل حصو نه ڏنو ويو آهي. حڪومت سان گڏجي مختلف مسئلن جو آئيني حل ڳوليو ويو، جڏهن ته صوبائي حڪومتن بار بار قرباني ڏني آهي ۽ اڄ به ڏئي رهيون آهن.

هن چيو ته خيبر پختونخواءِ به پنهنجا سياسي اختلاف هڪ پاسي رکي فيصلو ڪيو آهي ته قومي مفاد ۾ پنهنجو حصو وجهندو. هن پي ٽي آءِ جي ان فيصلي کي قومي اسيمبلي جي فلور تي ڀليڪار ڪيو.

بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته جيڪڏهن اهڙي ئي نموني قومي مفاد لاءِ ڪم جاري رکيو ويو ته هر مشڪل جو مقابلو ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ڪارائتو ثابت ٿيو آهي ۽ دنيا به ان حقيقت کي تسليم ڪري ٿي. عالمي ادارن جو چوڻ آهي ته غربت جي خاتمي لاءِ بي آءِ ايس پي بهترين منصوبن مان هڪ آهي، تنهن ڪري ان کي ختم ڪرڻ بدران وڌيڪ مضبوط بڻائڻ گهرجي.

پيپلز پارٽي جي چيئرمين وڌيڪ چيو ته بي آءِ ايس پي لکين خاندانن جي مدد ڪئي آهي ۽ حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته پروگرام ۾ واڌ ڪئي ويندي. هن چيو ته وزيراعظم پروپيگنڊا باوجود بي آءِ ايس پي کي اڳتي وڌائڻ جي خاطري ڪرائي آهي.

سندس چوڻ هو ته بي آءِ ايس پي ٻوڏن ۽ ڪورونا دوران به بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري. هن چيو ته جنهن ريت هن پروگرام کي نشانو بڻايو ويو، اهو افسوسناڪ ۽ شرمناڪ آهي. جيڪڏهن انتهاپسندي ۽ تشدد پسندي جو مقابلو ڪرڻو آهي ته ماڻهن کي اعتماد ڏيڻو پوندو، ۽ ڪو ٻيو دفاع ڪري يا نه ڪري، پيپلز پارٽي هن پروگرام جو دفاع ڪندي رهندي.

You might also like