انقرا (ويب ڊيسڪ) ترڪ ڊرامن جي ناليواري اداڪارا ايجي ايرتم 35 سالن جي ڄمار ۾ ڪمهلي موت سندس مداحن کي ڏُکارو ڪري ڇڏيو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، اداڪارا جي وڪيل ميڊيا کي ٻڌايو ته ايجي ايرتم پنهنجي گهر ۾ بيهوشي واري حالت ۾ ملي هئي، جتي هوءَ پنهنجي ماءُ سان گڏ رهندي هئي.
سندس چوڻ هو ته کيس فوري طور طبي امداد فراهم ڪئي وئي، پر ڊاڪٽرن جي ڪوششن جي باوجود هوءَ بچي نه سگهي.
وڪيل موجب، شروعاتي طبي رپورٽن ۾ دل جو دورو موت جو امڪاني ڪارڻ قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته حتمي سبب پوسٽ مارٽم رپورٽ کانپوءِ سامهون ايندو.
وڪيل سوشل ميڊيا تي اداڪارا جي آپگهات بابت هلندڙ افواهن کي سختي سان رد ڪيو آهي.
ياد رهي ته اداڪارا جو موت سندس سالگرهه جي ٻئي ڏينهن ٿيو، ايجي ايرتم 14 جون 1991ع جنم ورتو هو.
هن 2014ع ۾ اوپيرا ۽ ووڪل پرفارمنس ڊپارٽمينٽ مان تعليم حاصل ڪئي ۽ ان کانپوءِ اداڪاري جي تربيت پڻ ورتي، کيس مشهور ترڪ ڊرامي ”ون لو“۾ ”اسيل“ جي ڪردار ذريعي تمام گهڻي شهرت ملي هئي.