پئرس (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران سان اهم ڊيل ڪئي آهي، جنهن جا هاڪاري اثر سامهون اچي رهيا آهن، اسٽاڪ مارڪيٽون بلندي تي آهن ۽ تيل جون قيمتون هيٺ اچي ويون آهن.
پيرس ۾ جي-سيون اجلاس جي سائيڊ لائن تي مصري صدر السيسي سان ملاقات دوران ٽرمپ چيو ته ايران سان معاهدي کانپوءِ آبناءِ هرمز مڪمل کلي ويندي.
هن چيو ته جيڪڏهن ايران سان اها ڊيل نه ٿئي ها ته سڄي دنيا ۾ معاشي دٻاءُ پيدا ٿئي ها.
آمريڪي صدر وڌيڪ چيو ته ايران معاهدي ۾ 300 ارب ڊالر جي فنڊ بابت رپورٽون غلط آهن.
هن واضح ڪيو ته ايران سان لاڳاپيل مفاهمتي يادداشت حتمي ناهي ۽ جيڪڏهن مون کي حتمي معاهدو پسند نه آيو ته اسان ٻيهر بمباري واري رستي ڏانهن واپس هلي سگهون ٿا.