بهرام ڀرسان پراڻي دشمني تان نوجوان قتل

بهرام/ميروخان(نمائندا) بهرام ٿاڻي جي حد  ڳوٺ ڀرمي ڀرسان قمبرشھدادڪوٽ روڊ تي موٽرسائيڪل سوار شهدادڪوٽ نور پور جي ڳوٺ جان محمد جمالي جي  رھواسي 35 ساله  نوجوان نواب جمالي کي ھٿياربندن پسٽل جا فائر ڪري کيس سخت زخمي ڪري فرار ٿي ويا جنهن بعد اطلاع ملڻ تي بهرام پوليس واقعي واري هنڌ پھچي زخمي نوجوان کي علاج لاءِ تعلقه اسپتال شھدادڪوٽ کڻائي وئي بعد ۾ کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ٽراما سينٽر لاڙڪاڻو نيو ويو جتي ھو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو لاش گھر پھچڻ  تي گهر ۾ روڄ راڙو مچي ويو،بهرام پوليس جو چوڻ آهي ته مقتول  نوجوان کي پراڻي دشمني تحت قتل ڪيو ويو آھي آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو

 

You might also like