اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان وڌندڙ بين الاقوامي پاڻي جي بحران، موسمياتي تبديلي جي اثرن ۽ سنڌو پاڻي معاهدي (انڊس واٽر ٽريٽي) سان لاڳاپيل خدشن کي سختي سان اجاگر ڪيو آهي، ۽ خلائي ٽيڪنالاجي جي اثرائتي استعمال تي زور ڏنو آهي.پاڪستان پاران پيش ڪيل موقف ۾ چيو ويو آهي ته دنيا هن وقت تازي پاڻي جي سخت بحران کي منهن ڏئي رهي آهي، جڏهن ته موسمياتي تبديلي جي ڪري پاڻي جي وسيلن تي دٻاءُ مسلسل وڌي رهيو آهي. پاڪستان پڻ انهن ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي پاڻي جي سخت کوٽ ۽ موسمياتي خطرن کي منهن ڏئي رهيا آهن.ملڪ ۾ پاڻي جي في ماڻهو دستيابي خطرناڪ حد تائين گهٽجي وئي آهي، جڏهن ته اترين علائقن ۾ گليشيئر تيزي سان ڳري رهيا آهن، جنهن جي ڪري مستقبل ۾ پاڻي جي صورتحال خراب ٿيڻ جو امڪان آهي.پاڪستان پنهنجي بيان ۾ چيو ته تازن سالن جي تباهي ڪندڙ ٻوڏ ملڪ جي معيشت کي اربين ڊالرن جو نقصان پهچايو آهي ۽ لکين ماڻهو متاثر ٿيا آهن. ان حوالي سان، جديد خلائي ٽيڪنالاجي ۽ سيٽلائيٽ ريموٽ سينسنگ کي پاڻي جي وسيلن جي موثر انتظام، ٻوڏ جي خطرن جي جلد نگراني ۽ پاڻي جي ذخيرن جي گنجائش جو جائزو وٺڻ لاءِ اڻٽر قرار ڏنو ويو آهي.