عالمي منڊي ۾ تيل في بيرل 80 ڊالر کان به هيٺ لهي آيو

لنڊن (ع آ نيوز) عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمت 80 ڊالر في بيرل کان به هيٺ لهي آئي آهي. برطانوي ميڊيا جي رپورٽ موجب، آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ٿيل معاهدي جي اعلان کانپوءِ آبناءِ هرمز جي ٻيهر کلڻ جي اميدن سبب تيل جي اگهن ۾ نمايان لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي. هن وقت مارچ کانپوءِ پهريون ڀيرو برينٽ ڪچي تيل جي قيمت 79.90 ڊالر في بيرل تائين ڪِري پئي آهي، ياد رهي ته جنگ دوران برينٽ تيل جي قيمت اٽڪل 120 ڊالر في بيرل تائين پهچي وئي هئي، جڏهن ته تڪرار شروع ٿيڻ کان اڳ اها قيمت اٽڪل 70 ڊالر في بيرل جي لڳ ڀڳ هئي.

پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ 100 رپين تائين گهٽتائي جو امڪان

اسلام آباد(ع آ نيوز) عالمي منڊي ۾ تيل جون قيمتون تيزي سان گهٽجي رهيون آهن، جنهن کان پوءِ پاڪستان ۾ به عوام کي وڏي رليف لاءِ تياريون ڪيون پيون وڃن.ايران-آمريڪا جنگ بندي ۽ معاهدي جا مثبت اثر سامهون اچڻ شروع ٿي ويا آهن، عالمي منڊي ۾ تيل جون قيمتون  تيزي سان گهٽجي رهيون آهن، جنهن کان پوءِ پاڪستان ۾ به عوام کي وڏي رليف لاءِ تياريون ڪيون پيون وڃن.پاڪستان ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ عالمي منڊي جي تناسب سان 70 کان 100 رپيا في ليٽر گهٽتائي جو امڪان آهي. پيٽروليم ڊويزن جي ذريعن موجب، قيمتن ۾ گهٽتائي بابت اڃا تائين ڪو به ڪم نه ڪيو ويو آهي.. پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي بابت صلاح مشورا جاري آهن، جيئن ئي آخري فيصلو ٿيندو، ڪم ۽ پوءِ قيمتن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪيو ويندو، متوقع گهٽتائي جو اعلان وزيراعظم شهباز شريف جي منظوري سان ڪيو ويندو.سرڪاري ذريعن جو چوڻ آهي ته آخري فيصلو قيمتن جي تعين لاءِ لاڳو ڪيل فارمولي تحت ڪيو ويندو.

 

You might also like