حيدر بخش هڪڙو جي ياد ۾ ترتيب ڏنل ڪتاب "سنڌ جو سيواگر”

وزير فرهاد سولنگي

سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن سنڌ جي اها سماجي تنظيم آهي جيڪا گذريل 54 سالن کان پنهنجون سماجي خدمتون ڏيندي رهي آهي. هن اڌ صديءَ جي سماجي خدمتن جي سفر ۾ سنڌ جي ڪيترن هڏڏوکي سماج سڌارڪ ساٿين بنا ڪنهن لالچ لوڀ جي سگا ۾ ڪم ڪندي پنهنجون عمريون وقف ڪري ڇڏيون. اهڙن بيباڪ ۽ هڏڏوکي سماجي رضاڪارن ۾ حيدر بخش هڪڙو به هڪ آهي. جنهن پنهنجي سڄي ڄمار سگا جي سٿ ۾ شامل ٿي مرڻ گهڙيءَ تائين پنهنجي سماجي سيوا کي جاري رکيو.

پروفيسر خالد حسين چنا جنهن حيدر بخش هڪڙي جي سماجي سيواڪاريءَ کي قدر جي نگاه سان ڏسندي سندس زندگيءَ جي پوتا ميل کي سهيڙي ڪتابي شڪل ڏني ۽ اهڙيءَ ريت ڪتاب ”سنڌ جو سيواگر حيدر بخش هڪڙو“ جي نالي سان ڪتاب کي مرتب ڪيو. پروفيسر خالد حسين چنا ان کان اڳ ۾ به سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن متعلق ڏھ ڪتاب ڏيئي چڪو آهي. ڪتاب ”سنڌ جو سيواگر حيدر بخش هڪڙو“ سندس يارهون ڪتاب آهي. هن ڪتاب ۾ سائين حيدر بخش هڪڙي سان ويجهو رهندڙ دوستن کي ۽ سندس شخصيت تي لکڻ لاءِ ٻين ليکڪ ساٿين کي  به  دعوت ڏني ويئي، جنهن ڪري هَڪڙي صاحب لاءِ 39 ليکڪن جون لکڻيون موصول ٿيون. پروفيسر خالد حسين چنا جو هي پهريون ڪتاب آهي، جو هن ڪنهن شخصيت جي ڪردار، جدوجهد ۽ سوانح حيات تي تفصيل سان ذڪر ڪيو  آهي.

ڪتاب جو انتساب سنڌ جي هڪ اهڙي ڪردار سان منسوب ڪيو ويو آهي، جنهن سنڌ جي ڏتڙيل پورهيت، مزدور، هاريءَ ۽ محنت ڪش طبقي جي حقن  لاءِ پنهنجا عهدا ۽ رياستي مراعتون ٿڏي پيڙهيل طبقي جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي. يعني باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي شخصيت جي نانءُ ڪيو ويو آهي.

ڪتاب ”سنڌ جو سيواگر حيدر بخش هڪڙو“ جو مهاڳ سنڌ جي مانائتي شخصيت، علم، ادب، سماجيات، ثقافت ۽ فنون لطيفه سان واڳيل ۽ بهترين ليکڪا ميڊم مهتاب اڪبر راشدي ”اسان جو پيارو ماستر  حيدر بخش هڪڙو“ لکيو آهي. جنهن ڪتاب جي ليکڪن جي لکڻين سان گڏ ماستر حيدر بخش هڪڙي جي ڪردار، سماجي ڪمن ۽ خدمتن کان علاوه سندس سان گهاريل گهڙين جو پڻ ذڪر ڪيو آهي.

هن ڪتاب جي شروعات ۾ پبلشر  فتح محمد کهاوڙ جنرل سيڪريٽري سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مڌر برانچ ڪراچي جو نوٽ لکيل آهي. جنهن ۾ هن حيدر بخش هڪڙي جي سگا برانچ ڪراچي ۾ ڪيل خدمتن تي روشني وڌي آهي ۽ ڪراچي برانچ جي ساٿين جي سهڪار جو ذڪر ڪيو آهي.

ڪتاب جي شروعاتي صفحن تي حيدر بخش هڪڙي جي زندگيءَ متعلق سندس يادگار تصويرون 8 صفحن تي ڏنيون ويون آهن. ڪتاب جي صفحي نمبر 9 تي سندس گيڙو لباس واري تصوير شامل آهي جنهن تي ”مين نعراءِ مستانه، مين شوخيءَ رندانہ“ تحرير ٿيل آهي. صفحي نمبر 10 تي سگا ڪراچيءَ طرفان سندس رچايل رهاڻ جيڪا 13 ڊسمبر 2025ع تي ملهائي ويئي. سگا قيادت ۽ سگا ڪراچيءَ جي دوستن سان تصويرون شامل آهن. باقي صفحي نمبر 11 کان 16 تائين سگا سفر جي ساٿين سان سندس نڪتل رنگين تصويرن جو البم شامل آaهي.پنهنجي پاران لکيل نوٽ تي پروفيسر خالد حسين چنا  حيدر بخش هڪڙي جي جدائيءَ کان ڪتاب جي ڇپائي تائين پنهنجو روءِداد بيان ڪيو آهي ۽ ليک موڪليندڙ ساٿين جا ٿورا مڃيا آهن. ڪتاب جو پهريون مضمون هڪڙي صاحب جي مڪمل زندگيءَ تي لکيل سندس مفصل پروفائيل شامل آهي جيڪو ”گل جو سفر“ عنوان سان پنجن صفحن تي مشتمل آهي.

حيدر بخش هڪڙي سان سگا برانچ ڪراچي طرفان ملهايل رهاڻ ۾ سندس ڪيل مڪمل تقرير سگا منهنجي جندڙي تو ۾ منهنجو ساھ پروفيسر خالد حسين چنا مضمون جي شڪل ۾ سندس زباني تحرير ڪئي آهي. نڪي کڻن پاڻ سين، نڪي سڃاڻن پاڻ جي عنوان سان پروفيسر خالد حسين چنا جي ڪيل تقرير سگا ڪراچيءَ پاران هڪڙي صاحب سان رچايل رهاڻ جي موقعي جي تحريري شڪل ۾ شامل آهي.

حيدر بخش هڪڙي جي ڀاڻج ۽ نامياري ليکڪ ڊاڪٽر انور فگار هڪڙي جي تحرير ”الا هي انسان رتي تنهنجي روح جي“ جنهن ۾ هن جدائيءَ واري گهاءَ جو ذڪر ڇيڙيو آهي. حيدر بخش هڪڙي جي نياڻي عابده حيدر هڪڙو جي تحرير جنهن پنهنجي بابا جي ڏنل تربيت، تعليم، شفقت، پيار ۽ گهر ۾ سندس شفيق روين متعلق لکيو آهي. سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي باني ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ ”رتيءَ جي رهاڻ جيءُ اڙايم جت سين“ جي عنوان سان پنهنجي احساسن جو اظهار ڪندي حيدر بخش هڪڙي جي جدوجهد، ڪردار ۽ سندس ساٿ ۾ گذاريل گهڙين ۽ يادن جو ذڪر ڪيو آهي ۽ کيس پنهنجي خوبصورت لفظن جي ڀيٽا ڏني آهي.

سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي چيئرمين  رفيق احمد جعفري ”سدا ياد رهندڙ سگا رضاڪار ماستر حيدر بخش هڪڙو جي ياد ۾“ جي عنوان سان پنهنجي مضمون ۾ حيدر بخش هڪڙي کي پنهنجي لفظن جي ڀيٽا ڏيندي لکيو آهي ته هي جاکوڙي ڪردار سگا جو سرمايو هيو. پاڻ سگا جو وفادار، مخلص ۽ سرگرم رضاڪار هيو ۽ سگا تي آيل ڏکين ڏينهن ۾ هن پنهنجو پاڻ ملهايو.

”سنڌ جي مٽيءَ جو مانُ حيدر بخش هڪڙو“ جي عنوان سان تحرير ٿيل مضمون سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي سيڪريٽري جنرل  علي حسين بروهي پنهنجي لکڻيءَ ۾ حيدر بخش هڪڙي جي اعليٰ گڻن تي روشني وڌي آهي ۽ سندس سگا لاءِ ڪيل خدمتن جو تفصيلي ذڪرڪيو آهي. حيدر بخش هڪڙي جي طبيعت، لباس، رويي ۽ سندس نيازمنديءَ واري سڀاءُ جو خاڪو خوبصورتيءَ سان چٽيو آهي ۽ سندس جسماني وڇوڙي جو سگا لاءِ ناقابل تلافي نقصان ڪوٺيو آهي.

اهڙي طرح ڪتاب ”سنڌ جو سيواگر حيدر بخش هڪڙو“ ۾ سنڌ جي ناليواري ۽ معتبر ليکڪن جون تحريرون ۽ مضمون شامل آهن، جن ۾  رئوف نظاماڻي،  رکيل مورائي،  ادريس جتوئي،  اياز هڪڙو، پروفيسر اعجاز احمد قريشي، ڊاڪٽر جاويد مظهر ميمڻ، عبدالرسول سومرو، اشرف علي کهاوڙ، محمد سليمان وساڻ، غوث بخش ڪلوڙ، اياز لطيف دايو، وزير فرهاد سولنگي، پروفيسر بخش علي چانڊيو، پيرل خان کوسو، محمد اسلم عباسي، پروفيسر سريش ڪمار واڌواڻي، غلام اڪبر ملڪ، پروفيسر علي اڪبر بالادي، راز علي گل ڀٽو، فتح محمد کهاوڙ، اشرف لاريب، غلام حسين بلوچ، احمد حسن جاويد پنهور، پروفيسر خالد حسين چنا، حاجي رفيق احمد مهيسر، محمد عثمان پنهور، امداد مورائي، فقير محمد زمان دايو، انگريزي پورشن ۾  بخش علي لاکو، فضل الله قريشي، سيد محمد علي شاهه بخاري، ايڊووڪيٽ اي بي لاشاري شامل آهن جن حيدر بخش هڪڙي جي ڪيل خدمتن تي خوبصورت انداز ۾ پنهنجي لفظن جي ڀيٽا ڏني آهي.

ڪتاب ”سنڌ جو سيواگر حيدر بخش هڪڙو“ ۾ ٻن حصن تي مضمون شامل آهن پهريون حصو سنڌي ٻوليءَ تي ۽ ٻيون حصو انگريزي زبان ۾ تحرير ٿيل آهي. هي ڪتاب 144 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن جي قيمت 600 رپيا مقرر ٿيل آهي. جڏهن ته هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ حزب الله شاهاڻي ڪئي آهي ۽ ٽائيٽل مور ساگر ڊزائين ڪيو آهي. اميد آهي ته هن ڪتاب جي پڙهڻ کانپوءِ سنڌ ۾ سماجي خدمتون ڏيندڙ ساٿين لاءِ اتساھ جو سبب ٿيندو ۽ ان سان گڏ حيدر بخش هڪڙي جي ڪيل بي لوث خدمتن جي سفر جو سلسلو ايندڙ نسلن لاءِ مشعل راھ جو ذريعو ٿيندو.

 

You might also like