اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي ذريعن چيو آهي ته پاڪستان آمريڪا ۽ ايران واري معاملي تي هڪ اهڙي مسئلي کي ڊيل ڪري رهيو آهي جيڪو تمام گهڻو پيچيده آهي.
اعليٰ سيڪيورٽي اختيارين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان جو ان ۾ ڪردار ٽياڪڙ وارو آهي، فيلڊ مارشل جي ان معاملي ۾ هڪ ئي دلچسپي آهي، اهو آهي امن ۽ استحڪام.
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن هي جنگ نه رڪجي ها ته ان جا سنگين نتيجا هجن ها، اسان هيڊ لائن ڊپلوميسي ۾ دلچسپي نٿا رکون، پاڪستان ٽياڪڙ جون سموريون گهرجون پوريون ڪيون، دنيا کي هوريان هوريان ان جو پتو پئجي رهيو آهي ته پاڪستان ڇا ڪيو آهي.
سيڪيورٽي ذريعن موجب عظيم ويڙهه اها هوندي آهي جتي توهان بنا وڙهڻ جي جنگ کٽيو، اڃا به هن معاملي ۾ بگاڙ پيدا ڪرڻ وارا موجود آهن، اسرائيل جو عالمي ميڊيا تي اثر رسوخ آهي، قطر، سعودي عرب، ترڪي، مصر ۽ يو اي اي کي به ان جو ڪريڊٽ وڃي ٿو، انهن سڀني ملڪن پاڪستان جي امن جي خواهش تي لبيڪ چيو.
سيڪيورٽي ذريعن موجب پاڪستان جا ايران، سعودي عرب، آمريڪا سڀني ملڪن سان الڳ الڳ لاڳاپا آهن، افغانستان سان سٺا لاڳاپا چاهيون ٿا.
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي جي ڀارت جي دوري سان اسان کي فرق نٿو پوي، ڪير ڪنهن سان ملي رهيو آهي ان سان اسان کي فرق نٿو پوي، اسان ايتري تنگ نظريءَ سان شين کي نٿا ڏسون، اسان جا ملڪن سان سٺا لاڳاپا قائم آهن.
سيڪيورٽي ذريعن موجب، 15 جون 2026 تائين 32092 انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيا ويا، دهشتگرديءَ جون 2170 ڪارروائيون ٿيون، 64 سيڪڙو خيبرپختونخواهه ۽ 34 سيڪڙو بلوچستان ۾ ٿيون، 1861 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو، 640 پاڪ فوج، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار ۽ شهري شهيد ٿيا، 862 دهشتگرد غضب الحق آپريشن دوران افغانستان ۾ ماريا ويا باقي 999 پاڪستان ۾ ماريا ويا ٿيا.
سيڪيورٽي ذريعن موجب، پاڪستان جو پهريون نشانِ حيدر ڪشمير مان آهي، اسان جو مسئلو دهشتگرد ريجم سان آهي اتان جي عوام سان نه.
سيڪيورٽي ذريعن جو چو آهي ته والاريل ۾ بي جي پي به پئسا لڳايا، والاريل ڪشمير ۾ چر پر ۽ اظهارِ راءِ جي آزادي ناهي، سوال ڪيو ته ڇا هو اتان جي مسلمانن کي خريد ڪري سگهن ٿا؟ ڇا اتان پاڪستان لاءِ ماڻهن جا جذبا سامهون نه آيا، ڀارت والاريل ڪشمير جو ملٽري ذريعي به ڪجهه نه ڪري سگهيو ان ڪري آزاد ڪشمير ۾ باهه لڳائي آهي.
سيڪيورٽي ذريعن موجب، آزاد ڪشمير ۾ حقن جي تحريڪ کان آغاز ڪيو ويو، اسان جي ڊفالٽ آپشن هميشه ڳالهيون هوندي آهي، اصل ڪهاڻي ڇا آهي اها سامهون اچڻ ۾ وقت لڳو، اسان کي خبر هئي ته جي اي اي سي جو ايجنڊا ڇا آهي، اهي ڪيڏانهن اچي رهيا آهن، بي واءِ سي کي جڏهن دهشتگرد تنظيم چيو ويو تڏهن به گهڻو شور متو هو، پوءِ بي واءِ سي به کلي سامهون اچي وئي.
سيڪيورٽي ذريعن موجب، آزاد ڪشمير حڪومت ماڻهن کي چيو آهي پنهنجا دڪان کوليو پر جي اي اي سي عوام کي چيو آهي جيڪو دڪان کوليندو اسان باهه ڏئي ڇڏينداسين.
سيڪيورٽي ذريعن موجب، آزاد ڪشمير حڪومت سياسي پراسيس فالو ڪري رهي هئي، آزاد ڪشمير ۾ ويهي رياست مخالف نعرا هنيا پيا وڃن، رياست پيار محبت سان ڊيل ڪري رهي آهي، رياست هميشه پهرين ماءُ بڻجي ڊيل ڪندي آهي بعد ۾ پيءُ بڻجندي آهي.
سيڪيورٽي ذريعن ٻڌايو ته هر لمحي جي اي اي سي وڌيڪ کلي سامهون اچي رهي آهي، انهن کي آئيني، قانوني طريقي سان ڊيل ڪيو ويندو.
سيڪيورٽي ذريعن موجب اسان جي اندروني چيلينجز ۾ دهشتگردي به آهي، هاڻي جنگ جديد ٽيڪنالاجي تي ٻڌل ٿي چڪي آهي، ان تناظر ۾ بجيٽ گهٽ آهي، ملٽري ۽ سياسي ليڊرشپ کي به ان جو احساس آهي.
سيڪيورٽي ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته فوج ۾ 40 سيڪڙو جوان ڪشمير سان تعلق رکن ٿا.
سيڪيورٽي ذريعن پي ٽي آءِ باني عمران خان سان ڪنهن به قسم جي ملاقات جي ترديد ڪري ڇڏي، ٻڌايو ويو ته 9 مئي ڪرڻ ۽ ڪرائڻ وارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻينداسين، جيڪي روپوش آهن ته قانون پنهنجو رستو وٺندو.
جنگ نه رڪجي ها ته ان جا سنگين نتيجا نڪرن ها، فيلڊ مارشل جو واحد مقصد خطي ۾ امن ۽ استحڪام آهي: سيڪيورٽي ذريعا
You might also like