اسڪردو(ويب ڊيسڪ) گلگت بلتستان جي اليڪشن ڪميشن چونڊ تڪرارن بابت درخواستن تي فيصلو ٻڌائيندي سمورا اعتراض رد ڪري ڇڏيا آهن.
چيف اليڪشن ڪميشنر گلگت راجا شهباز جي جاري ڪيل فيصلي موجب، جي بي اي-17 ديامر 3 تي ٻيهر ڳڻپ جي درخواست رد ڪئي وئي آهي ۽ ان سيٽ تي پيپلز پارٽي جي محمد نسيم جي ڪاميابي برقرار رکي وئي آهي.
فيصلي موجب، جي بي اي-18 ديامر 4 تي اعتراض رد ٿيڻ بعد مسلم ليگ (ن) جي ڪفايت الرحمان جي ڪاميابي برقرار رهي، جڏهن ته جي بي اي-14 استور 2 ۾ به اعتراض رد ڪندي (ن) ليگ جي رانا محمد فاروق جي ڪاميابي برقرار رکي وئي.
اليڪشن ڪميشن موجب، جي بي اي-20 غذر 2 تي اعتراض رد ٿيڻ بعد (ن) ليگ جي عبدالجهان جي ڪاميابي برقرار رهي، جڏهن ته جي بي اي-19 غذر 1 ۾ به اعتراض رد ڪندي پيپلز پارٽي جي سيد جلال شاهه جي ڪاميابي برقرار رکي وئي.
ان کان سواءِ جي بي اي-15 ديامر 1 ۾ اعتراض رد ٿيڻ کانپوءِ آزاد اميدوار دلپذير جي ڪاميابي برقرار رهي، جڏهن ته جي بي اي-5 نگر 1 ۾ به اعتراض رد ڪيو ويو ۽ پيپلز پارٽي جي ذوالفقار علي مراد جي ڪاميابي برقرار رهي.
اليڪشن ڪميشن جي فيصلي موجب، جي بي اي-16 ديامر 2 ۾ آزاد اميدوار امام مالڪ جي ٻيهر پولنگ جي درخواست رد ڪئي وئي آهي، جڏهن ته پوسٽل بيلٽ پيپرز جي ڳڻپ جو حڪم ڏنو ويو آهي.