اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان مانيٽري پاليسي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تحت وياج جي شرح کي 11.5 سيڪڙو تي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
مرڪزي بئنڪ طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب، مانيٽري پاليسي جو فيصلو ملڪي معاشي انگن اکرن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ ڪيو ويو آهي.
ياد رهي ته اسٽيٽ بئنڪ طرفان گذريل مانيٽري پاليسي ۾ به وياج جي شرح 11.5 سيڪڙو تي برقرار رکيو ويو هو.