منهنجي وزارت ۾ 20 ارب رپين کان وڌيڪ ڪرپشن ٿي آهي:سعيد غني

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي محنت واري وزير سعيد غني چيو آهي ته منهنجي اداري ۾ 20 ارب رپين کان وڌيڪ جي ڪرپشن ٿي، اسان دٻاءُ قبول نٿا ڪريون، اسان سزا ڏيارڻ چاهيون ٿا. ڪراچي آرٽس ڪائونسل ۾ آل پاڪستان وومين ورڪرز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سعيد غني چيو ته حڪومت گهر ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن کي تسليم ڪيو آهي، مان پاڻ هڪ اداري جو برطرف ملازم آهيان. هن چيو  ته منهنجي ڏاڏي پاڻ دڪان هلائيندي هئي ۽ هن منهنجي پيءُ ۽ اسان کي سيکاريو، توهان ماڻهو منهنجي ڏاڏي کان بهتر ماحول ۾ ڪم ڪري رهيا آهيو، عورتن کي مردن سان گڏ ڪم ڪندي ڏسي خوشي ٿيندي آهي.سعيد غني چيو ته 2016 ۾، جڏهن مان ليبر ايڊوائيزر هوس، مون کي 50 ملين رپين جي مهيني رشوت جي آڇ ڪئي وئي هئي. منهنجي اداري  ۾ 20 ارب رپين کان وڌيڪ جي ڪرپشن ٿي آهي. اسان دٻاءُ قبول نه ٿا ڪريون. اسان انهن کي سزا ڏيڻ چاهيون ٿا. مان چورن کي انهن جي جاءِ تي ٻيهر نه ٿو رکي سگهان.هن چيو ته توهان ماڻهن کي صرف وزيرن تي حملو نه ڪرڻ گهرجي. مان پنهنجي باقي زندگي وزير نه رهندس. مان وزارت بچائڻ لاءِ پنهنجو منهن ڪارو نه ٿو ڪري سگهان. مان وزارتن کي ڏهه ڀيرا لت هڻي سگهان ٿو. منهنجي قيادت خاميون دور ڪرڻ چاهي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.