وومينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ: اسڪاٽلينڊ آئرلينڊ کي 40 رنسن تان هارائي ڇڏيو

مانچسٽر (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي وومينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي گروپ 2 جي ٻي ميچ ۾ اسڪاٽلينڊ وومينز شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندي آئرلينڊ وومينز کي 40 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
اسڪاٽلينڊ پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 161 رنسون ٺاهيون، ڪئٿرين بريز 39 بالن تي 60 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، جڏهن ته سارا بريز 49 رنسون ٺاهي نمايان رهي.
اسڪاٽلينڊ جي 162 رنسن جي هدف پٺيان ڊوڙندي آئرلينڊ وومينز جي پوري ٽيم 19.1 اوورن ۾ 121 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي، آئرلينڊ طرفان ايمي هنٽر 39 ۽ اورلا پرينڊرگسٽ 33 رنسون ٺاهيون.
اسڪاٽلينڊ جي ڪرسٽي گورڊن ۽ ڪئٿرين فريزر شاندار بالنگ ڪندي 3-3 وڪيٽون ورتيون.
ڪئٿرين بريز کي سندس شاندار آل رائونڊ ڪارڪردگي تي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.