ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ اڄ ۽ سڀاڻي گجگوڙ سان هلڪي برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
موسميات کاتي موجب، اڄ ڪشمور، شڪارپور، گھوٽڪي، ڄامشورو، دادو ۽ حيدرآباد ۾ برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته ميرپورخاص، ٽنڊوالهيار، خيرپور، عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر ۾ به ڪڪر وسي سگهن ٿا.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سڀاڻي دادو، قمبر-شهدادڪوٽ، لاڙڪاڻو ۽ نوشهروفيروز ۾ برسات جو امڪان آهي، ان کانسواءِ شهيد بينظيرآباد ۽ خيرپور ۾ به مِينهُن وسي سگهي ٿو.
موسميات کاتي موجب، ڪراچي ۾ ٽن ڏينهن دوران موسم جهڙالي، گرم ۽ گھميل رهندي.