ڀارت ليفٽيننٽ جنرل ڌيرج سيٺ کي نئون چيف آف آرمي اسٽاف مقرر ڪري ڇڏيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي حڪومت نائب چيف آف آرمي اسٽاف ليفٽيننٽ جنرل ڌيرج سيٺ کي چيف آف آرمي اسٽاف مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، هو 30 جون تي عهدو سنڀاليندو.
ڀارتي بچاءُ واري وزارت طرفان جاري ڪيل بيان موجب، موجوده چيف آف آرمي اسٽاف جنرل اوپيندر ديويدي ساڳئي ڏينهن ريٽائر ٿي ويندو.
ڀارتي بچاءُ واري وزارت موجب، ليفٽيننٽ جنرل ڌيرج سيٺ کڙڪ واسلا ۾ نيشنل ڊفينس اڪيڊميءَ مان گريجوئيٽ آهي. هن ڊسمبر 1986 ۾ آرمَرڊ ڪور ۾ ڪميشن حاصل ڪئي هئي.
بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هو هائر ڪمانڊ ڪورس ۽ نيشنل ڊفينس ڪاليج جو گريجوئيٽ آهي ۽ هن پيرس ۾ ٿيل ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪورس پڻ ڪيو آهي، جيڪو سندس وسيع تزويراتي ويزن ۽ جديد عسڪري معاملن جي سمجهه جي عڪاسي ڪري ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.