تهران (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ايراني سپريم ليڊر شهيد آيت الله خامنه اي جون آخري رسمون تهران ۾ 4 جولاءِ کان شروع ٿينديون.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، ايران جي سرڪاري ميڊيا جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته اڳوڻي رهبر اعليٰ جون آخري رسمون تهران ۾ 4 جولاءِ کان شروع ٿينديون ۽ تدفين 9 جولاءِ تي شهر مشهد ۾ ٿيندي.
هلندڙ سال فيبروري ۾ آيت الله خامنه اي آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن ۾ شهيد ٿي ويو هو. هو ٽن ڏهاڪن تائين ايران جو رهبرِ اعليٰ رهيو، شهادت کانپوءِ هن جو پٽ مجتبيٰ خامنه اي سندس جانشين بڻيو.